آصف رضا موريو

آصف رضا موريو

آصف رضا موريو

آصف رضا موريو: آصف رضا موريو جو نالو ايڊيٽر، ،مضمون نگار، مورخ، محقق ۽ پبلشر طور مُلڪي ۽ بين الاقوامي ادب جي دنيا ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جنهن جا هن وقت تائين 21 انگريزي، 15 اردو ۽ 7 سنڌي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس هڪ هزار کان مٿي تحقيقي مضمون ملڪي ۽ بين الاقوامي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس جنم پهرين اپريل 1971ع ڌاري تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) ۾ ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿيو. گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊئيٽ ۽ بي ايس سي (جاگرافي) ڪرڻ کان پوءِ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان علم الانسان (Anthropology) ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. آصف رضا موريو، سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، سياحت، علم الانسان، موحوليات، پکي پکڻ ۽ سماجي سائنسز وارن موضوعن تي گذريل ويهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي. سندس پھريون ڪتاب Mohenjo Daro, Mysterious city of Indus Valley Civilization ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ليکڪ ۽ موضوع بابت محترمه بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ خوشونت سنگهه جهڙي مدبرن جا رايا ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ آيل سندس انگريزي ڪتابن ۾: (1) Larkano (2) The Pictorial Profile (3) Mohenjo Daro (4) Leading Land of Ancient Cultures (5) Ancient Sindh (6) AIDS (7) International Health Emergency of the world (8) Moriro Fisherman and the Shark of Kalachi (9) Bhutto and International Media وغيره شامل آهن. سندس سنڌي ڪتابن ۾: ’عظيم پرٿوي قديم سنڌ‘، ’مُورڙو ميربحر ۽ ڪلاچي جي شارڪ‘ ۽ ’انساني ارتقا کان ويهين صديءَ تائين‘ ۽ ’سنڌيا‘ وغيره ڇپيل آهن. آصف رضا موريو بين الاقوامي انگريزي جريدي Jewel Time جو ايسوسيئيٽ هئڻ سان گڏ بيشمار خابرو ادارن، يونيورسٽين، ليڊنگ چينلن جي ادارتي ٽيمن ۽ اين جي اوز جي اهم عهدن تي تحقيق ۽ تاليف سان سلهاڙيل رهندو آيو آهي. سندس تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس قومي ۽ بين الاقوامي اوارڊ مليا آهن، جن مان خاص ايمي پين اوارڊ، رائيٽرز گلڊ اوارڊ، مانڃياچي ٽائيمز اوارڊ، نيشنل جيوگرافڪ چينل طرفان بهترين تحقيقڪار اوارڊ، رينائسنس گيلريز اوارڊ، گلوبل انويسٽيگيٽو جرنلزم نيٽورڪ، ٽوماروز هوپ وغيره جهڙا بيشمار بين الاقوامي ادبي، تحقيقي ادارا ۽ فورم شامل آهن.


لفظ آصف رضا موريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.04.01  عيسوي

آصف رضا موريي جو جنم پهرين اپريل 1971ع ڌاري تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) ۾ ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي رضا سهتو
ابوبڪر خان مگسي
ستار وسطڙو
خالد کوکر
جان محمد مھر
آچر خاصخيلي
اشرف جروار
امداد سومرو
شان ڏهر
لائق سنڌي ٿيٻو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون